عبدالسميع ميمڻ

عبدالسميع ميمڻ

عبدالسميع ميمڻ

عبدالسميع ميمڻ: والي بال جي مشهور رانديگر عبدالسميع ميمڻ 28 فيبروري 1938ع تي تعلقي دادو جي ڳوٺ دوآٻي ۾ عبدالهادي ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ پرمانند هرداس مل هاءِ اسڪول دادو مان ڪيائين. جنهن بعد تعليم کاتي ۾ ملازمت اختيارڪيائين، جتان آفيسر جي حيثيت سان رٽائر ڪيائين. والي بال راند جي شروعات هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ڪيائين. راند ۾ تربيت استاد محمد وريل سومري ڪئي. ڪجهه عرصو غالب ٽيم ۾ پريڪٽس ڪرڻ بعد 1956ع ۾ قربان ڪلب جو ميمبر ٿيو. هن جو ڇاتي وٽان بال کي ڌڪ هڻڻ وارو انداز ٻين اڪثر رانديگرن جي ڀيٽ ۾ منفرد رهيو، جو هن انداز ۾ اڪثر رانديگر ناڪام رهندا آهن، پر هن انهي انداز ۾ ڪاميابي ماڻي پنهنجو الڳ مقام جوڙيو. قربان ڪلب جي ڪاميابي ۽ مقبوليت ۾ سندس اهم ڪردار رهيو آهي، قربان ڪلب کي اختلافن ۽ ڀڃ ڊاهه کان بچائڻ ۾ سندن نيڪ نيت ۽ ڏاهپ جو ڪمال آهي، جو اڄ تائين هي ڪلب ڪاميابي سان سرگرميون جاري رکيو اچي. عبدالسميع، قربان ڪلب جو ڪئپٽن، جنرل ڪئپٽن ۽ سيڪريٽري رهي چڪو آهي. هن وقت وڏي عمر سبب راند ڪرڻ ڇڏي ڏني اٿس، پر ڪلب جو تاحيات ميمبر آهي ۽ ڪلب جي ترقي ۽ ڪاميابي لاءِ جاکوڙي رهيو آهي.


لفظ عبدالسميع ميمڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.02.28  عيسوي

عبدالسميع ميمڻ 28 فيبروري 1938ع تي تعلقي دادو جي ڳوٺ دوآٻي ۾ عبدالهادي ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير شاهه قادري بديڻائي
شبيران چنا
سنڌ ابن علي
درس ظهورالحسن مولانا
طارق عزيز
الهبچايو ميمڻ
پارس عباسي
رند احمد علي ڊاڪٽر
جميل الزمان جميل مخدوم
ٿامس ايڊيسن
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون